ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 17 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي. سول اسپتال مٺي ۾ ڇاڇري واسي چئن مهينن جي ماروِي ۽ ڳوٺ سوڀيارو واسي نينگري زينب زندگي جي جنگ هارائي وئي، جنهن کانپوءِ 17 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 53 ٿي ويو آهي.. خوراڪ جي کوٽ، گيسٽرو، ڊائريا ۽ نمونياسميت ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا سوين ٻارڙن کي مٺي سميت ٿرپارڪر جي ٻين اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، دوائون ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.. سنڌ حڪومت طرفان مٺي، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن جي ٻهراڙين ۾ ميڊيڪل ڊسپينسريون ۽ بيسڪ صحت مرڪز قائم ڪرڻ باوجود سهولتن جي اڻهوند برقرار آهي. حڪومت طرفان قائم ڪيل هڪ سئو 25 ڊسپينسرين ۾ فرنيچر جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته 76 ڊسپينسرين تي اڃا تائين عملو به مقرر ناهي ڪيو ويو.. سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ جي نتيجي ۾ پري وارن علائقن توڙي سول اسپتال ۾ سوين ٻارڙن جو حياتيون داءُ تي لڳي ويون آهن. ٻئي طرف پ پ پ ايم.پي.اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم.اين.اي فقير شير محمد بلالاڻي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٿر ۾ اهڙيون حالتون خراب نه آهن جيتريون پيش ڪيون پيون وڃن ٿر ۾ ڏڪاري حالتون نه آهن ڏڪار جي پهرين نشاني اها آهي ته ٿر جا کوهه سکي ويندا آهن ماڻهو پاڻي جي بوند لاءِ سکي ويندا آهن پر ٽائيم زمين ۾ پاڻي تي سطح تمام گهڻي مٿي آهي ان جو مطلب ڏڪار نه آهي. هن سال ٿر ۾ برساتون اڳئين جي ڀيٽ ۾ تمام وڌيڪ پيون هن ڀيري پوري ٿر ۾ گوار، تر، منگ، ڪورڙ جا فصل سٺا ٿيا آهن برساتن کان پوءِ تيز طوفان جي ڪري مال جو گاهه ٿي نه سگهيو آهي ۽ ٻارن فوت ٿيڻ جو ڪارڻ بک يا ڏڪاري حالتون نه آهن توهان اهو ڏٺو هوندو ته ٻار مرڻ جا واقعا ڊسمبر کان فيبروري تائين رپورٽ ٿيندا آهن ان خاص سبب اهو آهي ٿر جا ماڻهو ڳوٺن ۾ هڪ ٻئي کان پري رهن ٿا اهي چونئرن ۾ رهن ٿا ان ڪري چونئرن ۾ سردي گهڻي هوندي آهي ان ڪري اهي ٻار سردي جي ڪري ٻارن جي فوت ٿيڻ ۾ اضافو ٿيندو آهي نه ڪي بک وگهي. ٿر جي ڪلچر کي بدلائڻ حڪومت جي وس ۾ نه آهي ٿر ۾ صحت جي سهوليت کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي موجوده پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ 150 نيون ميڊيڪل ڊسپينسريون 8 بي.ايڇ.او ۽ 5 آر.ايڇ.سي مٺي، ڏيپلو، اسلام ڪوٽ ۾ ويم گهر مٺي سول اسپتال ۾ نرسري وارڊ ۽ ڪارڊيو وارڊ، قائم ڪيا ويا اسان تي تنقيد ڪندڙ جيڪي سنڌ جا وڏا وزير ۽ اڌ صدي تائين ٿر جي حڪمراني ڪندڙ به پنهنجي دور ۾ ٿر جي ڏڪار حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل حل لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو پنهنجي دور ۾ صرف چند ميڊيڪل ڊسپينسريون قائم ڪيون اهي به بغير ڪنهن پوسٽن جي ٿر ۾ ڪو به ڏڪار ڪونهي ٿر جا ماڻهو غريب آهن انهن کي رليف جي ڪڻڪ جي ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪا موجوده حڪومت تاريخ ۾ پهريون گذريل سال 7 ڀيرا مفت ڪڻڪ ڏني ۽ وري به حڪومت ٿر واسين کي مفت ۾ ڪڻڪ ڏيندي اسين ٿر جي ماڻهن کي سروي ڪري غريب جي لڪير کان هيٺ ماڻهن کي راشن ڪارڊ ڏيڻ چاهيون ٿا انهن کي ڏڪار هجي يا سڪار ان کي ماهوار راشن يا ان جي مد ۾ پئسا ڏنا ويندا ۽ ٿر ۾ آر.او پلانٽ ۽ روڊن جي نيٽ ڄار وڇايو ويو آهي سنڌ حڪومت کي هڪ ٽارگيٽ تحت بدنام ڪيو پيو وڃي اها هڪ سنڌ حڪومت خلاف سوچيل سمجهيل سازش آهي ڇا ٿر ۾ پ.پ.پ حڪومت کان اڳ ۾ ٻار فوت نه ٿيا آهن تڏهن ميڊيا تي رپورٽ نه ٿيا اڳ ۾ ڏڪار آيا هئا ان وقت جي حڪومت ٿر جي ماڻهن جي ڪنهن به قسم جي سار نه لڌي جيتري موجوده حڪومت لڌي آهي اسان ٿر جي ماڻهن کي پنائڻ بدران انهن کي مستقل حل لاءِ روزگار ڏيڻ جو اسڪيمون ڏيڻ چاهيون ٿا موجوده حڪومت ٿر جي ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪوشهان آهي ڪجهه ڌريون ٿر جي ماڻهن کي بکاري بڻائي ٻاهرين ملڪن جي ڊونر کان پروجڪيٽ وٺڻ لاءِ هٿ ٺوڪيو ڊرامو راچائي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *