ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري، وڌيڪ 2 فوت، انگ 141 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي اچي ناهي سگهي، وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 38 ڏينهن ۾ جي مختصر عرصي ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 41 ٿي ويو آهي.. سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار وڌيڪ ٻه ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ 38 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 41 ٿي ويو آهي.. ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ ڪلوئي سميت ٻين علائقن ۾ سهولتن جي کوٽ سبب گيسٽرو، ڊائريا ۽ نمونيا جي بيماري ۾ مبتلا سوين معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءِ تي لڳي ويون آهن. هڪ سئو 41 انساني جانيون ضايع ٿي وڃڻ باوجود سهولتن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا. ڏڪار سٽيل علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ٻهراڙين وارن علائقن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ معصوم ٻارڙا اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *