ٿر ۾ معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

مٺي (نمائندو) ٿر ۾ معصوم ٻارڙن تان موت جو راڪاس نه ٽريو، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 92 ٿي ويو آهي.مٺي جي ڳوٺ ٻٽڙي ۾ 5ورهين جي معصوم نينگري نينا ڀيل فوت ٿي وئي، ڏيپلي جي ڳوٺ هميراٻهه ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار وڌيڪ هڪ ٻارڙو زندگي جي جنگ هارائي ويو.مٺي جي سول اسپتال ۾ 25 ڏينهن جو نينگر بابو ٺڪر به دم ڌڻي حوالي ڪيو..وڌيڪ ٽن معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 92 ٿي ويو آهي..عرصي ۾ 92 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ باوجود صحت کاتي طرفان متاثر علائقن ۾ بيمارين کان بچاءُ لاءِ لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا، جنهن سبب بيمارين تيز سان پکڙجي رهيون آهن.ان سلسلي ۾ بيمارين سبب متاثر علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان بيمارين جي روڪ ٿام لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا، سندن علائقن ۾ طبي ڪئمپون قائم ڪري معصوم ٻارڙن جو حياتيون ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *