ٿر ۾ ماڪڙ جي نئين نسل جي خاتمي لاءِ ايئرڪرافٽس هائير ڪيا وڃن، وڏي وزير پاران زراعت کاتي کي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صوبي جي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ جي خاتمي بابت اسپري لاءِ ڪجهه جديد ايئرڪرافٽس هائير ڪري ته جيئن کين ٻچن جي پيدا ٿيڻ کان پهرين انهن جو خاتمو آڻي سگهجي. وڏي وزير ان سلسلي ۾ چين جي قونصل جنرل لائي بائي جان سان به مدد لاءِ چيو جنهن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ تي اسپري بابت ايئر ڪرافٽس جي هائيرنگ لاءِ ملاقات ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته ماڪڙ صوبي جي مختلف حصن ۾ تيار فصل تي حملو ڪيو ۽ هارين سميت قومي ۽ صوبائي معيشت کي عمومي طور تي گهڻو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته فصلن کي پهچندڙ نقصان سان هاري گهڻو پريشان آهن. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي وٽ ڪجهه ايئر ڪرافٽس آهن ۽ جنهن مان ڪيترائي گرائونڊ ڪيا ويا آهن ان ڪري اهي صوبائي حڪومت کي گهربل مدد نٿا ڪري سگهن. هن صوبائي زراعت واري وزير کي هدايت ڪئي هئي ته هو يو اي اي جي حڪومت سان ڳالهائي ته جيئن ان سان سنڌ حڪومت ريگستاني علائقن جتي ماڪڙ پنهنجن ٻچن کي پيدا ڪرڻ لاءِ قيام ڪيو آهي اتي فضائي اسپري ڪرايو وڃي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انهن کي پيدا ٿيڻ کان پهرين ئي ختم ڪيو وڃي نه ته ايندڙ سال اهي ٻيهر هارين لاءِ نقصان پهچائڻ ڪو سبب ٿيندا. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ايئر ڪرافٽس جو رينٽ ادا ڪندي ۽ انهن کي کي اسپري لاءِ سمورو ضروري سامان پڻ فراهم ڪندي. وڏي وزير ڪراچي ۾ چين جي نئين متعين قونصل جنرل سان ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي حڪومت سان سنڌ حڪومت کي ريگستاني علائقن ۾ اسپري لاءِ جديد ايئرڪرافٽس جي فراهمي بابت سهڪار لاءِ ڳالهائي. قونصل جنرل وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي حڪومت سان ان بابت ڳالهائيندو ۽ ايندڙ ٽن ڏينهن اندر جواب پڻ ڏيندو. مراد علي شاهه چين جي حڪومت جو ٿر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي قيام تي کيس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چائنيز ڪمپني ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته چين اسان جو سڀ کان وڌيڪ ڀروسي مند دوست آهي ۽ ان دوستي جي بنياد پي پي پي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکي هئي. وڏي وزير نئين قونصل جنرل کي سنڌ ٽوپي، اجرڪ ۽ مومنٽو پيش ڪندي کيس سنڌ ۾ ڀليڪار پڻ چيو. وڏي وزير قونصل جنرل کي چيو ته هو سنڌ کي پنهنجو نئون گهر سمجهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *