ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب وڌيڪ 4 ٻارڙا  فوت، هلندڙ مهيني انگ 84 ٿي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽ:سجاول بجير)ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ ٻين بيمارين سبب وڌيڪ 4 ٻارڙا  فوت ٿي ويا،سول اسپتال مٺي ۾ 45 ڏينهن جو انيل ولد گروُئو ميگهواڙ،9 مهينن جو نفيس ولد ممتاز سومرو،ڪشور ميگهواڙ جو تازو ڄاول ٻارڙو ۽ ننگرپارڪر جي تعلقه  اسپتال ۾ پرتاب جو تازو ڄاول ٻارڙو فو تين ۾  شامل آهن،جنهن کان پوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارن جو انگ وڌي  84 ٿي ويو  ۽ هلندڙ سال انگ 194 ٿي ويو آهي،مٺي سول اسپتال ۾  44 کان وڌيڪ ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي،ٿر ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي،جنهن سبب ٿري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن،ٿر ۾ چوپائي مال جو چارو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي،جنهن سبب 80 لک مال بکن ۾ پاھ ٿي ويو آهي،ٻئي پاسي ٿر ۾ گرمين جي موسم ايندي ئي پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي،سوين کوھ سڪي وڃڻ بعد جر کارو ٿي ويو آهي،سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل آر او پلانٽس به ناڪاره بنجي ويا آهن جنهن سبب لکين ٿري پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ بيتاب آهن،جيڪي اُڃ ۾ تڙپي رهيا آهن،

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *