ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت، تعداد 37 ٿي ويو

ٿرپارڪر(رپورٽر) مٺي ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي جنهن کانپوءِ 5 هفتن ۾ غذائي کوٽ سبب فوت ٿيل ٻارڙن جو تعداد 37 ٿي ويو آهي، تفصيل موجب مٺي جي سول اسپتال ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي زبيده علاج دوران وفات ڪري وئي جيڪا ڪيترن ئي ڏينهن کان اتي علاج هيٺ هئي، اهڙي طرح گذريل پنجن هفتن دوران اسپتال ۾ فوت ٿيل اها 37 ٻارڙي آهي جڏهن ته مٺي جي سول اسپتال ۾ اڃان 80 ٻار علاج هيٺ آهن ۽ ڪيترن ئي ٻين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد به اماڻيو ويو آهي، ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير طرفان ٿرپارڪر ضلعي ۾ غذائي کوٽ جو نوٽيس ورتو ويو هو پر ان جي باوجود ڪجهه به نه وريو ۽ غذائي کوٽ سبب ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *