ٿر ۾ بک ۽ بدحالي سبب هلندڙ سال به 8 سئو کان وڌيڪ ٻارڙا فوت

ڪراچي (اين اين آءِ) ٿر ۾ هلندڙ سال به 800 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا. صحت کاتي جي انگن اکرن موجب گذريل 5 سالن دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ ٻارن جو انگ 3 هزارن کان وڌيڪ آهي، انهن ۾ 300 کان وڌيڪ اهڙا ٻار شامل آهن، جيڪي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ئي لاڏاڻو ڪري ويا. صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته رڳو هلندڙ سال فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 800 کان وڌيڪ آهي، مناسب غذا نه ملڻ، رت جي کوٽ، ٻارن جي پيدائش ۾ وقفو نه ڪرڻ عورتن ۽ ٻارن جي موت جو وڏو ڪارڻ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ حمل کان وٺي ٻار جي پيدائش جي مرحلي دوران ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت آگاهي ۽ صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪري موت جو سلسلو روڪي سگهجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *