ٿر ۾ بک نه پر ويم جو مسئلو آهي: قائم علي شاهه

مٺي(نمائندو) سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ سبب ننڍڙن ٻارڙن جي فوتگين تي تبصرو ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته ٿر ۾ بک جو ڪوبه مسئلو ناهي پر اصل مسئلو ته ويم جو آهي ۽ حڪومت جو ويم سان ڪوبه تعلق ناهي، اسان طرفان اسپتالن ۾ هر ممڪن سهولتون ڏنيون ويون آهن پر ٿر ۾ ويم اسپتالن ۾ نه پر جهوپڙين ۾ ٿين ٿا، ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سائين قائم علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اسپتال ۾ ليڊر ڊاڪٽر موجود ناهن ته حڪومت ذميوار هوندي پر هتي ته اسپتال ۾ ٻار ان وقت آندا ويندا آهن جڏهن انهن جي حالت بلڪل نازڪ هوندي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صحت کاتي 20 سالن کان ٿر کي نظرانداز ڪري رکيو آهي، منهنجو سوال متحده جي صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد کان آهي ته آخر ڪهڙو سبب آهي جو هو پونئين ٽن سالن کان هن علائقي ۾ آيو ئي ناهي جيڪڏهن هو هتي ايندو ته ماڻهو ان کي سڃاڻيندا ئي ڪونه. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب هڪ به ٻار فوت ناهي ٿيو،مفت ڪڻڪ ورهائڻ بعد بک جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. مٺي ۾ سنڌ ڪابينا جي ڊگهي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار ٿر جي رهواسين ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي آهي،بک جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ٻار بک وگهي نه پر مختلف بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، ميڊيا کي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ڪرڻ گهرجي. سيد قائم علي شاهه چيو ته مٺي اسپتال ۾ سٺا ڊاڪٽر ۽ علاج جون سموريون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته حڪومتي ڪوششن سان ٿر ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي،صحافي حڪومت جي ڪجهه واکاڻ ڪري محبت جو به اظهار ڪن. سيد قائم علي شاهه چيو ته هـُنن ٿر جي عوام کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪيون آهن،جيڪو سندن فرض آهي. هن چيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جون پگهارون وڌائي کين مقرر ڪيو ويو ۽ عارضي ڊاڪٽرن توڙي عملي کي پڻ مستقل ڪيو ويو آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته صحت کاتي جي اڳوڻي وزير پنهنجي پسند جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جيڪو نه مڃڻ تي ڊاڪٽر صغير احمد ۽ سندس وچ ۾ اختلاف رهندا هئا. ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وڏي وزير چيو ته متحده کي حڪومت ۾ هوندي ڪڏهن به ٿر ياد نه آيو، پر هاڻي کين وڏو الڪو ٿي رهيو آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته ٻه هزار هڪ کان ٻه هزار 14 تائين متحده کي ٿر ۾ موت نظر نه آيو،هاڻي حڪومت کان ڌار ٿيا آهن ته واويلا پيا ڪن، 20 سالن تائين صحت کاتو ايم ڪيو ايم وٽ رهيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي جيتري وقت تائين حڪومت رهي آهي،مٿن تنقيد به اوتري ئي ڪئي وڃي، آمرن کان ڪير پڇڻ وارو به ناهي رڳو عوامي حڪومت خلاف هاءِ گهوڙا ڪئي ويندي آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته مٺي ۾ صورتحال جي جائزي لاءِ ٻه ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ به خاص قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٿري عورتن جي بهتر نموني سار سنڀال لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي تربيت ڏئي سندن ڊيوٽيون لڳايون وينديون. هن چيو ته ٿر ۾ 77 آر او پلانٽ لڳل آهن، 27 ڊسمبر تائين وڌيڪ ڏيڍ سئو ۽ جون 2015ع تائين ساڍا 8 سئو آر او پلانٽس لڳايا ويندا، جنهن کانپوءِ ٿر واسين کي پاڻي جي ڳولا لاءِ ڏورانهن علائقن ڏانهن نه وڃڻو پوندو. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڏيپلي کانپوءِ سڄي ٿر ۾ پائپ لائن وڇائي مٺي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، علائقي مان نڪرندڙ ڪوئلي تي سڀ کان پهريون حق ٿر واسين جو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *