ٿر ۾ بک نه پر بيمارين ۽ غربت سبب فوتگيون ٿيون آهن:وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ٿر ۾ جاني نقصان ضرور ٿيو آهي پر بک وگهي هڪ ٻار به فوت ناهي ٿيو، خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپين جي ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ۾ بک وگهي فوت ٿيل ڪنهن شخص جو نالو ٻــُڌايو وڃي، حڪومت ڏڪار متاثرن جي مدد لاءِ لاڳيتو ڪم ڪري رهي آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ۾ ڪو به ٻار بک سبب فوت ناهي ٿيو،جيڪڏهن ڪنهن وٽ تفصيل آهن ته ٻــُڌايا وڃن. وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ واري شرح جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٿر جي معاملي تي ڳالهايو وڃي،هڪ کان پنج سال جي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سبب بک ناهي. هن چيو ته 40 ڊاڪٽرن کي ٿر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، مٺي اسپتال جو مقابلو سنڌ جي ڪنهن به شهر جي اسپتال سان ڪري سگهجي ٿو. سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ۾ ٿيل جاني نقصان جي جاچ لاءِ ايم پي ايز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي،جنهن بعد کير جو کير پاڻيءَ جو پاڻي ٿي ويندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته ٿر ۾ 80 آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن، سيد سردار احمد تي اعتماد آهي هــُو مٺي اسپتال جو دورو ڪري، ڪا به حڪومتي ڪوتاهي ثابت ٿي ته معافي گهــُري ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *