ٿر ڏڪار جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، پنهنجي نااهلي ايم ڪيو ايم مٿان ڇو پئي مڙهي وڃي: فيصل سبزواري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته ٿر ۾ ڏڪار جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي ان نااهلي کي ايم ڪيو ايم مٿان ڇو پيو مڙهيو وڃي، فيصل سبزواري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قائم علي شاهه مسلسل 6 سال سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهي ۽ هن وٽ 13، 13 وزارتون رهيون آهن هن هينئر تائين ڇا ڪيو، هن صوبي جا سمورا وسيلا قائم علي شاهه وٽ رهيا آهن ۽ پوري صوبي جي سمورين شين جو جوابه به اهو ئي آهي، حڪومت چاهي ٿي ته ٿر ۾ ڏڪار سبب ٻار مرندا رهناد پر ڪٿان به آواز نه نڪري، هن قائم علي شاهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو ڪچو شراب پيئڻ سبب مرن ٿا ته انهن کي به هو شهيد چئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *