ٿر پارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري،فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، ٻن ٻارڙن جي وارثن ڊاڪٽرن تي لاپرواهيءَ جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو آهي، جڏهن ته ٻن مهينن دوران فوتي ٻارن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو آهي.مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ ڏيٿا ۽ ڳوٺ ڀڪوئو جي رهواسي ٻن پورهيت موتي ڀيل جي ڌيءُ ڀواني ۽ ٻئي پورهيت جي ٻن سالن جي ڌيءُ روينا فوت ٿي ويون، جن جي وارثن سول اسپتال مٺي جي ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام هڻندي اسپتال ٻاهران لاش رکي ڌرڻو هنيو.مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ پاٻوهر واسي آيت الله جي هڪ ڏينهن اڳ ڄاول ڌيءُ ۽ ڳوٺ مٺڙائو دل جي رهواسي سومار دل جي ڌيءُ مُنيزا فوت ٿي ويون. مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت غلام نبي جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويون، جنهن بعد ٿر ۾ ٻن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 245 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *