ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب وڌيڪ 6 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا

مٺي (نمائندو) ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 198 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت مقيم  جو 5 سالن جو ٻارڙو ابراهيم سمون ۽ ڳوٺ مياري هڱورجا جي رهواسي نثار احمد جو به هڪ ڏينهن جو ٻارڙو بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ڇاڇري جي نجي اسپتال ۾ ڏيڍ مهيني جو اشوڪ ۽ ڳوٺ رڙگر  ۾ ٻن ورهين جي نازيا فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪلوئي جي بيسڪ هيلٿ ينٽر ۾ پورهيت عزيز لنڊ جو تازو ڄاول ٻارڙو ۽ ڏانو ڌانڌل شهر ۾ ٽن ڏينهن جي ماروي فوت ٿي وئي. ڏڪاريل ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ، مختلف بيمارين ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب 47 ڏينهن دوران حياتيون وڃائندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي  198 ٿي ويو آهي.ٿرپارڪر ۾ ٻن مهينن دوران غذائيت جي کوٽ سبب 198 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪڻڪ جي ورهاست جو خيال اچي ويو، وڏي وزير جي حڪم بعد انتظاميا ننگرپارڪر جي گدامن ۾ گذريل سال کان رکيل ڪڻڪ جي 12 هزار ٻورين جي ورهاست شروع ڪري ڇڏي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايتن کانپوءِ ٿرپارڪر ۾ ڪڻڪ جي ورهاست شروع ٿي وئي آهي. مختيارڪار نينگرپارڪر ۽ اي سي پاران شهر جي گودامن ۾ گذريل سال کان رکيل ڪڻڪ جون 12 هزار ٻوريون ورهايون پيون وڃن. ڪمشنر ميرپورخاص شفيق مهيسر موجب ٿرپارڪر ۾ 2 لک 60 هزار 830 ڪٽنبن ۾ ڪڻڪ جون هڪ لک 30 هزار 414 ٻوريون ورهايون وينديون ۽ في ڪٽنب کي 50 ڪلو گرام ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *