ٿرپارڪر ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ۾ ٻارن جي صحت جي خدمتن جي بهتريءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هُو خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ ٻين ڏورانهن علائقن ۾ ٻارن جي صحت جي خدمتن جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ چائلڊ فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ملاقات جي موقعي تي ڪئي. وڏي وزير چيو ته سندس هر هڪ ٽيچنگ اسپتال، ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال، تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن ۾ ٻارن لاءِ صحت جون بهترين خدمتن جي فراهميءَ لاءِ هڪ واضح پلان ڏنو آهي. هن چيو ته اهو چائلڊ فائونڊيشن سان شراڪتداريءَ تحت ڪم ڪرڻ جو محرڪ هو. وڏي وزير ٻڌايو ته چائلڊ فائونڊينش کي مختلف ضلعي اسپتالن ۽ ٽيچنگ اسپتالن ۾ تمام جلد وارڊ يا خاص جاءِ ڏني ويندي. هن چيو ته شهيد بينظير آباد ۾ 18 مئي کان، ڄام شورو ۾ 18 جون کان ۽ سکر ۾ 18 ڊسمبر کان وارڊ چائلڊ فائونڊيشن وارڊ آپريٽ ڪندا. وڏي وزير چيو ته سندس ٿر جي ٻارن جي تمام گهڻي فڪر آهي جتي ٻارن کي اڃا به خاص توجهه جي ضرورت آهي. هن چائلڊ فائونڊيشن کي هدايت ڪئي ته اهي مٺي سول اسپتال ۾ پنهنجي پروفيشنل ٽيم موڪلي وڃي ۽ اتي موجود سمورين سهولتن جو معائنو ڪري ۽ هڪ هفتي اندر کين رپورٽ ڏني وڃي ته اتي سهولتن ۾ ڪا گهٽتائي ته نه آهي ته جيئن جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته ان جو فوري طور تي تدارڪ ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان سول اسپتال مٺي کي تمام تر جديد سهولتن ۽ اوزارن سان آراستا ڪيو آهي ۽ اڃا به اتي ٻارن جي موت جي شرح جون رپورٽس آهن جيڪي مون لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان مٺي اسپتال ۾ موجود سهولتن جو مڪمل ريت سروي ڪري ان بعد مون کي رپورٽ ڪريو ته جيئن چائلڊ فائونڊيشن سان گڏجي ان کي اپ گريڊ ڪري سگهجي. مراد علي شاهه اهو به چيو ته ٽيچنگ اسپتالن، ڊي ايڇ ڪيو ۽ ٽي ايڇ ڪيو ۾ فارميسي کي به بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مان سمورين سرڪاري اسپتالن ۽ صحت جي سهولتن جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ چاهيان ٿو ته انهن کي مناسب ريت چڪاس ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته سڄي صوبي ۾ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي مناسب ريت دوائون ڏنيون وينديون آهن پر صحت جون خدمتون انهن سرڪاري اسپتالن جتي خانگي شعبو حڪومت سان گڏ شراڪتداريءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ڪجهه بهتر آهن. مراد علي شاهه چيو ته سندس نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) کي خاص توجهه ڏني آهي ۽ انهن جي خدمتن ۽ آلات کي بهتر بڻائي رهيا آهيون ۽ سڄي صوبي ۾ ان جا سيٽيلائيٽس به قائم ڪيا ويندا. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسانجي حڪومت 2008ع ۾ آئي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پهرين ئي بجيٽ ۾ شهيد بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو ۽ 2008ع کان هن وقت تائين 9 مرحلا ٿي چڪا آهن ۽ اسان رڳو ان کي پروگرام تائين محدود ناهي رکيو پر عملي طور تي ان پروگرام تي عملدرآمد ڪنديلکين جي انگ ۾ ٻارن ۽ ٻارڙين کي فني سکيا ڏني وئيئ وڏي وزير اها ڳالهه اڄ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽريننگ ڪميشن جي اهتمام هيٺ پروگرام کي خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي صحي نموني استعمال نه ڪيو ته اهي هيڏانهن هوڏانهن جي ڪمن ۾ لڳي ويندا ۽ ان کي ڏسندي اسان 2013ع ۾ قانونسازي ڪئي ۽ اسيمبليءَ مان هڪ قانون پاس ڪيو ۽ شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ بورڊ قائم ڪيو ويو. هن چيو ته 2008ع کان وٺي اڃا تائين سوا ٽي لک ٻار ۽ ٻارڙيون ان پروگرام تحت سکيا حاصل ڪئي آهي ۽ انهن کي 90 مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني پئي وڃي ۽ اسانجي ڪوشش آهي ته اسان ان پروگرام کي اڃا اڳتي وڌايون. هن چيو ته هتان کان سکيا وٺندڙن جي اها ئي سوچ هوندي آهي ته انهن کي سرڪاري نوڪري ملي وڃي پر حڪومت ايتريون ملازمتون نه ٿي ڏئي سگهي جيڪڏهن سڀ ماڻهو ڪلرڪ ۽ ايڊمنسٽريشن ۾ هلي ويندي ته ٽيڪنيڪل شعبي کي ڪير ڏسندو. وڏي وزير چيو ته فني سکيا حاصل ڪندڙ ٻارن ۽ ٻارڙيون کي اصل ۾ اسانجي قوم جا معمار آهن ۽ انهن ئي قوم کي بڻائيندا انڪري انهن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هڪمائننگ ڪمپني بڻائي ۽ ان تحت هڪ پاور پلانٽ به بڻجي رهيو آهي ۽ اتي فني ليبر ۽ ٽيڪني ماڻهن ۽ انجنيئرز جي گهرج آهي. هن چيو ته ٿر ۾ 70 سيڪڙو ملازمتون مقامي رهواسين کي ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته چين جون ڪمپيون جيڪي اتي ڪم ڪري رهيون آهن انهن سان معاهدو ڪيو ويو آهي ته هر هڪ چائنيز پنجن مقامي رهواسين کي سکيا ڏيندو آهي. ٿر ۾رهواسين کي مڪمل سنڌي به ڳالهائڻ ناهي ايندي ڇاڪاڻ ته انهن جي پنهنجي مختلف ٻولي آهي ۽ جيڪي چيني ايندا آهن انهن کي به انگريزيءَ جو هڪ به لفظ ناهي ايندو پر اهي هڪٻئي کي سيکاريندا رهندا آهن ۽ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته هتان سکيا وٺندڙ اڄ هڪ لک ماهوار پگهار کڻي رهيا آهن جيڪا وزيراعليٰ جي پگهار کان به وڌيڪ آهي. هن چيو ته اوهان پنهنجي پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪندا ته اوهان گهڻي ترقي ڪندا ۽ اوهان ڪڏهن به منفي سوچ نه رکيو. وڏي وزير چيو ته الله پاڪ اسانکي هڪ اهڙي ملڪ کان نوازيو آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسانکي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته نيڪ ٽيڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ اوهان مونکي ان تقريب ۾ گهرايو. هن چيو ته 2008 کان سنڌ حڪومت اسڪل ڊولپمينٽ جو جيڪو پروگرام شروع ڪيو آهي ان لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.وڏي وزير چيو ته سدنس ٻڌايو ويو آهي ته هتي 24 هزار ماڻهن کي هر سان سکيا ڏني ويندي آهي ۽ انهن 24 هزار ماڻهن مان ٽن ريجن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ماڻهن ۾ پهرين هڪ مقابلو ڪرايو ويو ۽ پوءِ اتان جيڪي ڪامياب ٿيا انهن کي هتي مقابلي لاءِ گهرايو ويو آهي. وڏي وزير تقريب ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعامات پڻ تقسيم ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *