ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ ۾ وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت، انگ وڌي 175 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ٿرپارڪر ضلعي ۾ بـُک ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مـَرڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو، مٺي ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ و‎ڌيڪ 5 ٻار حياتيون وڃائي ويٺا،جنهن بعد فوتي ٻارن جو انگ وڌي 175 ٿي ويو. سنڌ حڪومت جي وڏين وڏين دعوائن باوجود ٿر ۾ بـُک ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي مرڻ جو سلسلو جاري آهي. مٺي سول اسپتال ۾ داخل 18 ڏينهن جو برڪت پٽ شاهنواز ۽ ڏيڍ سال جي خديجه ڌيءَ عبدالغني نوهڙي فوت ٿي وئي. اڄ وڌيڪ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد ٿرپاڪر ضلعي اندر حياتيون وڃائيندڙ ٻارن جو انگ وڌي 133 ٿي ويو. ڏيپلي، ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ، ڇاڇري ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين مبتلا ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن. ٻئي پاسي عمرڪوٽ سول اسپتال ۾ پنج ورهين جو محمد عمر پٽ محمد صالح، ٻن مهينن جو آصف ۽ چئن ڏينهن جو ڪيو ڀيل فوت ٿي ويا. عمرڪوٽ ضلعي اندر حياتيون وڃائيندڙ ٻارن جو انگ وڌي 42 ٿي ويو، جڏهن ته نمونيا ۽ ڊائريا وگهي ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *