ٿرپارڪر: مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، زال ۽ ڌي زخمي

ٿرپارڪر(رپورٽ:سجاول بجير)اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻاراچ وٽ مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجيب۾ ڪار سوار ڳوٺ مصري ميمڻ جو رهواسي رفيق ميمڻ ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ ۽ سندس زال شمشاد بيگم ۽ 6 سالن جي هڪ ٻارڙي شديد زخمي ٿي پيون جن کي مٺي سول اسپتال آندو ويو. زخمي شمشاد بيگم جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. جنهن کي حيدرآباد ريفر ڪرڻ جو ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آھي ۽ زخمي ٻارڙي جي طبيعت سڌندڙ آھي جنهن کي مٺي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آھي. حادثي ۾ فوت ٿيل رفيق ميمڻ صحت کاتي اسلام ڪوٽ جو ملازم ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ ڪار ۾ سوار ٿي ڳوٺ مصري ميمڻ کان مٺي طرف اچي رهيو هو ته ڳوٺ ٻاراچ ڀرسان سامهون ايندڙ مسافر ڪوچ سان حادثو پيش آيو. جڏھن ته مسافر ڪوچ ٽڪر بعد ڪلٽي ٿيڻ کان بچي ويئي جنهن ڪري ڪوچ سوار مسافر جاني نقصان کان محفوظ رهيا. حادثي جو سبب بڻيل مسافر ڪوچ پوليس اي ايس آءُ عرض محمد اوٺو جي ٻڌائي وڃي ٿي جنهن جو ڊرائيور قاسم چانڍيو حادثي بعد موقعي تان فرار ٿي ويو آھي جنهن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي هئي. جڏھن ته فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش پڻ مٺي سول اسپتال آندو ويو آھي. جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *