ٿرپارڪر جي جبلن ۾ 26 بلين ٽن گرينائٽ موجود آهي: منظور وساڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي معدنيات، معدني ترقي ۽ جيلن واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ معدني ترقي واري کاتي کي هدايتون ڏنيون آهن ته سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ قيمتي گرينائٽ جي ذخيرن جي کاڻين جي ڪم جي شروعات ۽ پيداوار شروع ڪرڻ لاءِ سموريون قانوني رڪاوٽون ختم ڪيو وڃن ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان فوري رابطو ڪري معاملا حل ڪيا وڃن. صوبائي وزير منظورحسين وساڻ اهڙي هدايت خميس ڏينهن پنهنجي آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ معدنيات ۽ معدني ترقي کاتي جي آفيسرن جي اجلاس ۾ جاري ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري معدنيات ۽ معدني ترقي زاهد حسين ميمڻ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي جبلن جي سطح ۽ جبلن جي اندر دنيا جي بهترين ۽ مضبوط قسم جي گرينائيٽ موجود آهي جيڪا مختلف خوبصورت رنگن ۾ آهي. اندازو لڳايو ويو آهي ته اها گرينائيٽ 26 بلين ٽن جي تعداد ۾ موجود آهي، جنهن مان 10 بلين ٽن فوري طور تي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي قابل آهي. پاڪستان هن وقت چين، ڀارت ۽ ٻين ملڪن کان گرينائيٽ درآمد ڪري ٿو جيڪو تقريبن 500 رپيا اسڪوائر فٽ تي ملي ٿو. جڏهن ته ٿر مان ملندڙ گرينائيٽ پنهنجي ماهيت جي اعتبار سان چين ۽ ڀارت جي گرينائيٽ کان ڪافي وڌيڪ بهتر ۽ قيمتي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت گرينائيٽ جي ليزنگ ۽ لائننگ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي ۽ مختلف ڪمپنين کي مائنگ پرمٽ ۽ مائنگ ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. هن هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت سان فوري طور تي رابطو ڪري سيڪيورٽي ۽ ٻين حوالن سان سموريون رڪاوٽون ختم ڪري گرينائيٽ جي کاڻين جو ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن صوبي ۽ ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *