پ پ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي دوري کان ڪجهه ڪنا آنا آهن جيڪي اڄ به موجود آهن: آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هن وقت دنيا جي جيڪا صورتحال آهي اها انتهائي ڳڻي جوڳي آهي، هر طرف جنگ جون تياريون ٿي رهيون آهن، خطي ۾ هڪ طوفان برپا ٿيڻ وارو آهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موجوده حڪومت اسلامي ڪانفرنس تنظيم جو اجلاس گهرائي، اسان چاهيون ٿا ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ان لاءِ حڪومت سان ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو، ان سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي، اسان هميشه سياسي مقصدن جي لاءِ مفاهمتي پاليسي اختيار ڪئي آهي پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي ناهي ڪئي، عمران خان جي واپس پارليامينٽ ۾ اچڻ واري فيصلي جي آجيان ڪيون ٿا. اهڙو اظهار هن ڪالهه بلاول هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بختاور ڀٽو زرداري، صوبائي وزير شجيل انعام ميمڻ، شيري رحمان، فدا حسين ڍڪڻ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. آصف علي زرداري چيو ته خطي ۾ طوفان اچڻ وارو آهي، حڪومت کي گهرجي ته آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ان ۾ سڀني پارٽين جي سربراهن کي گهرايو وڃي ۽ انهن سان ڳالهيون ڪري مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي، هميشه مسئلا ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندا آهن. جنگين سان هميشه تباهي ٿي آهي، سڀ ملڪ ۽ سرحدون انسانن لاءِ آهن، جيڪڏهن انسان ئي نه رهيو ته پوءِ ڇا ٿيندو. پي پي پي پنهنجي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته ان سلسلي ۾ هر اسلامي ملڪ ڏانهن هڪ وفد موڪليو ويندو ته جيئن ڳالهين جي ذريعي معاملن جو ڪو حل ڪڍيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي هلڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ايم ڪيو ايم سياسي پارٽي آهي باقي ڪجهه ڪنا آنا ايم ڪيو ايم سميت سڀني پارٽين ۾ آهن جن کي ڪڍڻ جي ضرورت آهي، انهن ڪنن آنن جي ڪري پارٽين کي ختم نٿو ڪري سگهجي يا انهن سان اتحاد ختم ڪرڻ مناسب ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري لنڊ ۾ آهي، ان کي اسان سکيا ڏئي رهيا آهيون، بلاول کي باقاعدي تربيت مڪمل ٿيڻ بعد ميدان ۾ آَندو ويندو. آصف علي زرداري چيو ته گهڻن ڏينهن کان صحافي دوستن کي اها شڪايت هئي ته مان صحافين سان ملان نٿو ته ان ڪري اڄ توهان دوستن کي گهرايو آهي ته ڪجهه توهان جا مسئلا ۽ شڪايتون ٻڌان. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته توهان سان ڪيل واعدا ڪجهه پورا ناهن ٿيا ۽ توهان کي ڪجهه تڪليفون آهن، اهي به ضرور حل ڪنداسين، توهان جا جيڪي به مطالبا آهن اهي لکت ۾ ڏيو ته انهن کي حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، منهنجي ڪوشش آهي ته جيئن ٻين ڪميونٽين کي زمينون ڏنيون آهن، ائين صحافين کي پڻ زمينون ملڻ گهرجن ۽ انهن جو باقاعدي سوسائيٽيون هجڻ گهرجن ته جيئن اهي پنهنجي زندگي بهتر نموني سان گذاري سگهن ۽ انهن جا ٻار بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته کيس صحافين سان پيار آهي پر انهن سان وڌيڪ پيار آهي جيڪي جيل جي وقت کان دوست آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *