پ پ ۾ آهيان ۽ رهندس، ڪو به زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي: ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ذوالفقار مرزا هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هنيو ته سنڌ حڪومت کيس قتل ڪرڻ ٿي چاهي، هن جو چوڻ هو ته نئون گهرو وزير منهنجي گرفتاري لاءِ آندو ويو آهي، مون کي ڪيميڪل انجيڪشن لڳائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، مون قاتل کي قاتل، مظلوم کي مظلوم چيو، عدالت جي ڪري اڄ جئرو آهيان، پر ڪوڙي ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي. اڳوڻو سنڌ جو گهرو زوير ذوالفقار مرزا گهر تي ڇاپي کانپوءِ سامهون آيو، پوليس کي ته نه مليو پر پنهنجي گهر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته مون کي ڪوبه زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي، پ پ ۾ آهيان ۽ رهندس، جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري  واپس آيو ته کيس ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيندس. منهنجي زندهه رهڻ جو ڪريڊٽ عدليا ڏانهن وڃي ٿو، ڪو به مون کي زندهه گرفتار نٿو ڪري سگهي. ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪڏهن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس ڏکڻ ۾ جرئت آهي ته اهي وارنٽ ڏيکاري مون کي گرفتار ڪري ڏيکارين. اڳوڻي صوبائي وزير چيو هو گهرواري جي علاج لاءِ 30 مئي کانپوءِ  پرڏيهه ويندس   واپس اچي وڏي پئماني تي تحريڪ هلائيندس.   ذ والفقار مرزا چيو ته نئين گهرو وزير کي هڪ موقعو ڏيڻ چاهيان ٿو، الله نئين گهرو وزير   کي انصاف ڪرڻ جي توفيق ڏئي. مون وٽ سمورا هٿيار لائسنس وارا آهن ۽ پر امن شهري وانگر رهڻ چاهيان ٿو. عدالت جي  ڪري اڄ مان جئرو آهيان،مون کي هر ڪوڙي ڪيس ۾ ضمانت ملي آهي، مان سپريم ڪورٽ جي جج جو پٽ آهيان، مون قاتل کي قاتل، مظلوم کي مظلو چيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته مون ولي بابر جا قاتل پڪڙيا، اڄ اهڙي ماڻهو کي گهرو وزير بڻايو ويو آهي،  جيڪو نه جئرن ۾ آهي نه مئلن ۾ آهي. ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته منهنجي گهر ٻاهران پوليس موبائيل آڻي تماشو ڪيو ويو، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي منهنجي گهر اچن، انهن جي خدمت ۽ ڀليڪار ڪندس .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *