پ پ چيئرمين پاران اڳواڻ تي حملي ۽ اغوا جي مذمت، مخالف پارٽي جي مقبوليت کان ڊنل آهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)           پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي پي پي بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ تي فائرنگ ۽ واشڪ ضلعي ۾ پارٽي جي ميمبر شپ مهم دوران ٻن ڪارڪنن جي اغوا جي سخت مذمت ڪئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ سيشن ڪورٽ ٻاهران اڻڄاتل جوابدارن علي مدد جتڪ تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ خوشقسمتي سان هو محفوظ رهيو هو، جڏهن ته واشڪ ۾ پي پي پي جي ٻن ڪارڪنن امام ۽ محمد عيسيٰ کي ان وقت اغوا ڪيو ويو، جڏهن هو پارٽي جي ميمبرشپ مهم هلائڻ ۾ مصروف هئا. بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ڄاڻايل واقعن مان واضح آهي ته بلوچستان ۾ پارٽي جي وڌنڌڙ مقبوليت کان مخالف ڊنل آهن ۽ انهن پي پي پي جي جيالن کي هيسائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي پي پي چيئرمين مطالبو ڪيو ته پي پي پي بلوچستان جي صدر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي ۽ اغوا ٿيل ڪارڪنن جي محفوظ بازيابي کي جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ پي پي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سڪيورٽي لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *