لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سيڪيورٽي سببن ڪري اعلان ڪيل شيڊول کان هٽي هڪ ڏينهن اڳ لاهور پهچي ويو، سيڪيورٽي خدشن سبب بلاول ڀٽو جي دوري کي اڳواڻن کان ڳجهو رکيو ويو، بلاول ڀٽو جي لاهور اچڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ به بي خبر رهيا ۽ ڪو به اڳواڻ استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي موجود نه هو، خاص جهاز ذريعي لاهور پهچڻ کانپوءِ کيس سخت سيڪيورٽي ۾ بلاول هائوس لاهور پهچايو ويو.