پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جهانگير بدر جي وڏي وزير سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جهانگير بدر خميس ڏينهن چيف منسٽر هائوس ڪراچي ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير جا خاص مددگار وقار مهدي ۽ راشد رباني به موجود هئا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ جهانگير بدر ملڪي سياسي صورتحال ۽ پي پي پي جي تنظيمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اڳواڻن ڪراچي ۾ آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي جي ڪاميابي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پي پي ڪارڪنن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *