پ پ چيئرمين جو قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو، وفاقي حڪومت پاناما ڪيس ۾ مڪمل طور ڦاسي چُڪي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاناما ڪيس ۾ مڪمل طور ڦاسي چُڪي آهي، پاناما ڪيس معاملي تي ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين، پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پ پ سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪ ڏيان ٿو، عهديدارن کي گهرجي ته هو رابطا مهم تي نڪرن، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاناما بل جي منظوري ۾ رنڊڪ نه بڻجي، 27 ڊسمبر تائين پ پ جا مطالبا نه مڃيا ويا ته تحريڪ هلائي ويندي، ان احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي آءُ پاڻ ڪندس. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هو لاڙڪاڻي مان ننڍي چونڊ وڙهندو. بلاول ڀُٽي کي پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن صلاح ڏني آهي، ڀُٽو لاڙڪاڻي مان ننڍي چونڊ وڙهي قومي اسيمبليءَ ۾ وڃي سگھندو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي ڏيهه ورڻ وارو فيصلو به 30 نومبر تي پيپلز پارٽيءَ جي يوم تاسيس تي ڪيو ويندو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *