پ پ پ ۾ ڪوئي به فارورڊ بلاڪ نه پيو بڻجي، تحريڪ عدم اعتماد جي خبرن ۾ صداقت نه آهي: نثاراحمد کهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي صوبائي وزير نثار کهڙو چيڳو آهي ته پ پ پ ۾ ڪوئي به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي جڏهن فارورڊ بلاڪ ٺهيو ته ان وقت پڇا ڪئي وڃي ته پوءِ تبصرو ڪيو ويندو وڏي وزير خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جي اهڙي ڪائي ڳالهه نه آهي انهن ڳالهه ۾ صرف خبر بنائڻ کان علاوه ڪائي صداقت نه آهي مخدوم خاندان پ پ پ جو بنياد وجهندڙن مان آهي ۽ جن پارٽي جو بنياد وڌو انهن جي الڳ ڳالهه آهي جڏهن ته ان جو مقصد پارٽي ڇڏڻ ناهي هوندو اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري تي بحريه يونيورسٽي ڪراچي ڪئمپس ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو نثار کهڙو چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت قائم آهي تنهنڪري مارچ يا اپريل مهيني کي اهم چوڻ جي ڪائي ڳالهه نه آهي ۽ صورتحال معمول مطابق آهي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ۽ آئين ڪنهن کي به پنهنجي جماعت ٺاهڻ جو حق ڏي ٿو ۽ جن ماڻهن متحده کان الڳ ٿي پنهنجي نئين پارٽي ٺاهي آهي اهي سڀ متهده جا پراڻا ساٿي آهن هن چيو ته متحده کي ان جا پنهنجا ماڻهو هي پهريون ڀيرو نه پيا ڇڏين 90 جي ڏهاڪي ۾ به متحده جي ايم پي ايز ۽ ٻين اڳواڻن متحده کي ڇڏي الڳ گروپ ٺاهيو هن چيو ته هاڻي متحده جا ڪجهه ايم پي ايز اسيمبلي مان استعيفا ڏيئي الڳ ٿي رهيا آهن ۽ انهن اسيمبلي اندر ڪوئي گروپ نه ٺاهيو آهي هي نارمن صورتحال آهي. هن چيو ته عوام جي دلين ۾ ڪير گهر ڪري سگهي ٿو هي تڏهن خبر پوندي جڏهن سياسي پارٽيون چونڊن دوران عوام سان رجوع ڪنديون ۽ فيصلي لاءِ عوام سپريم عدالت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *