پ پ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف 10 ڊسمبر تي احتجاج جو سڏڏئي ڇڏيو

حيدرآباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ڪالهه رضوي هائوس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط ڪندڙ 6 مهينن کانپوءِ استعيفائن کان بغير مهانگائي مارچ جو اعلان ڪري هٿ وٺي عمران خان کي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، هاڻ پي ڊي ايم استعيفائون ڇو نٿي ڏئي، جيڪڏهن استعيفائون نه ڏيڻيون هيون ته لانگ مارچ ڇو ملتوي ڪيو ويو. هن بلدياتي نظام بابت ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جي هر هيڊڪوارٽر ۾ ڪارپوريشن ۽ ڪارپوريشن ۾ ٽائون ٺاهيا ويا آهن، بلدياتي نظام ۾ ترميم ڪري اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا ويا آهن ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري حيثيت ڇو نه ملي ان بابت اجايو اعتراض آهن، جيڪڏهن وزير اعظم ۽ سينيٽ لاءِ ڳجهو ووٽ آهي ته پوءِ ميئر لاءِ اعتراض ڇو آهن، اهو قانون ۾ نٿا لکي سگهون ته صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ميئر ايم ڪيو ايم وٽان هوندو، عوام جي مرضي آهي، جنهن کي چونڊين. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي کي اختيار آهي ته گورنر جي اعتراض واري بل کي ٻيهر اهڙي طرح يا ٿوري ترميم ڪري گڏ منظور ڪري ته بل قانوني بڻجي ويندو، پوءِ گورنر جي منظور جي ضرورت ناهي. هن ملڪي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ عوام جي زندگي جنجال ٿي وئي آهي، ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، مهانگائي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته دنيا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پر هتي هر مهيني 4 روپيا پيٽرول في ليٽر مهانگو ڪرڻ جون تياريون آهن. هن چيو ته پيٽرول قيمتن ۾ اضافي ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف 10 ڊسمبر تي سموري سند ۾ احتجاج ڪنداسين ۽ 17 ڊسمبر تي گئس جي کوٽ خلاف ضلعي هيڊڪوارٽر پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڌرڻا هڻنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *