پ پ پنهنجن وزيرن کي لغام ڏئي: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته پ پ پنهنجن وزيرن کي لغام ڏئي ۽ جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي شهيدن بابت ڪا ڳالهه ڪئي وئي ته پوءِ اسان به سندن لحاظ نه ڪنداسين هن چيو ته 1992ع واري آپريشن ۾ ماريل اسان جا سمورا ڪارڪن شهيد آهن ۽ اسين پنهنجن شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻ رڳو ڪراچي نه پر سڄي سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين ۽ اسان جي اسيمبلي ميمبر محمد حسين جيڪو بيان ڏنو آهي تنهن تي وڏي وزير کي مڇرجڻ نه گهرجي هاڻ اسين دليلن سان ڳالهائينداسين ۽ لاڙڪاڻي سوڌو هر هنڌ جي ڳالهه ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *