پ پ پاران حڪومت خلاف جنگ جو اعلان، انتقامي ڪارروائين جا نتيجا ڀيانڪ نڪرندا: زرداري

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نوازشريف 90 جي ڏهائي جي سياست ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته انتقامي ڪارروائي جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي وزيراعظم جي حڪمن تحت مفلوج ڪيو پيو وڃي جڏهن ته نوازشريف دهشتگردن خلاف آپريشن متاثر ڪرڻ لاءِ قوم کي تقسيم ڪري رهيو آهي انهيءَ سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا جڏهن ته مخدوم امين فهيم بيمار آهي، پهريان قاسم ضيا کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هاڻي ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جمهوريت کي 2013 جي چونڊن کي قبول ڪيو، عام چونڊون آر اوز جون چونڊون هيون جنهن بابت ٽربيونلز فيصلو پڻ ڏنو آهي. پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان جو دشمن هٿين خالي شهرين تي گولا وسائي کين شهيد ڪري رهيو آهي ۽ پاڪ فوج دهشتگردن خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي رهي آهي جڏهن ته سڄي قوم دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. لڳي ٿو ته نوازشريف ماضي مان ڪوبه سبق ناهي سکيو. احتساب ڪرڻو آهي ته سڀ کان پهريان وفاقي وزير جو ڪريو جنهن شريف ڀائرن لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪيو. نوازشريف ڀارت جي اکين ۾ اکيون وجهڻ بجاءِ سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي. يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ قاسم ضيا، سينيٽر بنگش جي پٽ ۽ ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻيا سيڪريٽري ضمانتن تي آهن اُهو سڀ انتقامي سياست ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ رانا مشهود جي مان صاحبان لاءِ پئسا وٺندي ويڊيو منظر عام تي اچي چڪي آهي پر اُن کي گرفتار نه ڪيو ويو. انتقامي سياست جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. سنڌ حڪومت کي وزيراعظم هائوس جي حڪمن تي مفلوج ڪيو پيو وڃي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ 14 ماڻهن کي شهيد ڪندڙ دهشتگرد ناهن؟ کين ڇو نٿو پڪڙيو وڃي. جسس نجفي ڪميشن جي رپورٽ منظر عام تي آڻي ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي. قوم کي خبر آهي ته پنهنجي سزا جي معافي لاءِ درخواست ڏيڻ جو اعزاز رڳو نوازشريف کي حاصل آهي اسين معافيو وٺـي جدي وڃڻ وارا ناهيون. هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ سبب اڄ نوازشريف وزيراعظم آهي، ٽيون ڀيرو وزيراعظم ۽ وزيراعلي بڻجڻ تي پابندي کليل دل سان ختم ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *