پ پ پاران ايم ڪيو ايم جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان، اڳواڻن کي بيان بازي کان روڪيو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي ميمبرن ڪلثوم چانڊيو ۽ نادر مگسي ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي جڏهن ته ٻيا پ  پ ميمبر خاموش رهيا  آصف زرداري چيو آهي ته متحده کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن کانپوءِ گڏجي هلنداسين جيڪو واعدو ڪيو ان کي پورو ڪنداسين پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري بلاول هائوس ۾ سنڌ اسميبلي جي ميمبرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو، جنهن دوران آصف زرداري سمورن پارٽي اڳواڻن کي ايم ڪيو ايم خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت تي راءِ به طلب ڪئي وئي جنهن تي پ پ ميمبرن نادر مگسي ۽ ڪلثوم چانڊيو متحده قومي موومينٽ جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي مانجهاندي کي خطاب ۾ آصف زرداري جو چوڻ هو ته کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن کانپوءِ گڏجي هلنداسين جيڪو واعدو ڪيو اهو پورو ڪنداسين پ پ ميمبرن جي راءِ سامهون اچي وئي هن چيو ته پ پ اسيمبلي ميمبر بلدياتي اليڪشن جي تياري ڪن وزير ۽ ڪارڪن عوامي رابطه مهم تيز ڪن ڪراچي کان ڪشمور تائين هر سيٽ تي ڀرپور حصو ورتو ويندو پيپلز پارٽي جي حڪومت عدالتن جي فيصلي جو احترام ڪيو آهي ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن کٽينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *