پ پ وفاق جي علامت آهي ۽ پيپلزپارٽي کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه يوم تاسيس جي موقعي تي ملير ۾ هڪ وڏي جلسي ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هڪ وڏي جلسي جي انعقاد تي پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جا اڳواڻ به مبارڪ جا مستحڪم آهن هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن ۽ پيپلزپارٽي وفاق جي علامت آهي ۽ پيپلزپارٽي کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. جنهن جو ثبوت هلندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ عوام پيپلزپارٽي تي هڪ دفعو بيهر پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ پيغام کي سڄي ملڪ ۾ عام ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *