پ پ وفاقي حڪومت کي 7 نومبر جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي، عوام کي شريفستان جي ضرورت ناهي: بلاول

ڪوئيٽا  (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جڏهن بلوچستان ۾ ماڻهو شهيد ٿي رهيا هئا ته گهرو وزير چوڌري نثار علي خان خالبان سان فوٽو سيشن ۾ مصروف هو، عمران خان ڪنهن ٻئي جي ڪٽ پتلي آهي، بلوچستان ۽ سنڌ جي عوام کي شريفستان جي ضرورت نه آهي، حڪومت اسان جا مطالبا نه مڃيا ته وقت کان اڳ اليڪشن جي تحريڪ شروع ڪري سگهون ٿا، گهرو وزير ايان علي ۽ ڊاڪٽر عاصم جي معاملي تي پريس ڪري ٿو، لال مسجد يا دهشتگردن خلاف ڳالهائڻ تي ڇو خاموش آهي، هو آچر تي سول اسپتال ۾ سانحي پوليس سينٽر ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي عيادت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي علي محمد خٽڪ، مير صادق عمراڻي، مير چنگيز جمالي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد سيڪيورٽي خدشن باوجود 2007 ۾ اليڪشن مهم هلائي ان جي شهادت کانپوءِ به اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، هن چيو ته شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي به دهشتگردن شهيد ڪيو، مان پاڻ به دهشتگردي جو شڪار آهيان، بلوچستان جي عوام جي ڏک کان آگاهه آهيان، واقعو 8 آگسٽ ۾ بلوچستان جي عوام کي انصاف فراهم ڪندڙ وڪيلن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته پي ٽي سي ۾ عوام جي محافظن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو، هن چيو ته پوليس اختيارن پاران مطالبي جي باوجود سيڪيورٽي ديوار ڇو نه اڏي وئي، بلوچستان ۾ هزارا برادري ۽ عورتن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو، رياست بلوچستان جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ جڏهن دهشتگردي جا واقعا ٿيا ته آصف زرداري کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو پر هاڻ حڪومت چپ ڇو آهي، وفاقي گهرو وزير پي ٽي سي واقعي گذرڻ کانپوءِ طالبان سان فوٽو سيشن ڪرائي رهيو هو، هن چيو ته هن وقت ڊاڪٽر عاصم کي گذريل هڪ سال کان وفاقي گهرو وزير قيدي بڻائي رکيو آهي ۽ ان کي دهشتگردن جو سهولتڪار ۽ غدار چيو پيو وڃي. هن چيو ته گهرو وزير هڪ تيز انسان آهي، هن سوچي سمجهي سازش تحت ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر عاصم ۽ بلوچ قومپرستن ۽ آزادي پرستن جو فائدو ورتو، تخت رائيونڊ وارن کي عوام جي ڏک سان ڪا به غرض نه  آهي، اسين جيون يا مرون ان جي بادشاهت تي ڪو به فرق نٿو پوي، هن عمران خان بابت چيو ته اهو ڪنهن ٻئي جي ڪٽ پتلي آهي ۽ ان جي ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، عمران خان جي تحريڪ ايمپائر جي آڱر کڻڻ کانسواءِ نٿي هلي سگهي، عمران خان کي ڄاڻ آهي ته موجوده آرمي چيف سياسي معاملن کان پري آهي، جڏهن ته نواز شريف کان به هو پاڻ واقف آهي ۽ ان کي خبر آهي ته پنجاب ڪڏهن به نه جاڳندو ۽ ان جو نقصان سڌو عمران خان کي پوندو، هن چيوته پ  پ جو ڪشمير تي موقف چٽو آهي، ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڪشمير جو مسئلو حل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *