پ پ هميشه عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا، ڪيل سيڙپڪاري جو فائداو عوام تائين پهچڻ گهرجي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اختيارين کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ مالي سال 16-2015 جي پڄاڻي تائين 544 جاري ترقياتي منصوبن مان گهٽ ۾ گهٽ 179 منصوبن تي ڪم مڪمل ڪيو وڃي جنهن لاءِ 3.585 بلين رپين جا سئو سيڪڙو فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت صوبي ۾ ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ کي ترجيح ڏئي رهي آهي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن شعبي لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 9 بلين رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 179 جاري منصوبن جي سئو سيڪڙو رقم سميت ٻيا هلندڙ اسڪيمن تي عمل لاءِ گذريل 4 مهينن ۾ 4.53 بلين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، هن چيو ته هو رکيل رقم جي سئو سيڪڙو استعمال جو خواهشمند آهي ته جئين رٿائن تي مقرر وقت اندر معياري ڪم مڪمل ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ ڪوٺايل ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل چيف سيڪريتري پي اينڊ ڊي اعجاز علي خان، ناڻي سيڪريٽر سهيل راڄپوت، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروس اعجاز احمد ميمڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروس سيد زاهد شاهه شرڪت ڪئي، وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ترقياتي ڪمن تي عمل ڪرڻ سان 3 ڳالهيون اهم آهن جن ۾ فنڊ جاري ڪرڻ، خرچ ڪرڻ ۽ رٿا کي مقرر مدي اندر معيار ڪم سان مڪمل ڪرڻ شامل آهي، هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اسيڪمن کي مقرر وقت اندر بنا ڪنهن وقفي جي مڪمل ڪيو وڃي، ڇو ته ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ صوبي جي اقتصاديات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهي جنهن سان ماڻهن کي سفر جي سهولتن سان گڏ سندن آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر لاڳاپيل علائقن جي مقامي ماڻهن لاءِ روزاگار مهيا ٿيندو، هن چيو ته پ پ هميشه عوام جي خوشحالي ڪم ڪيو آهي ۽ خواهش آهي ته صوبي ۾ ڪئي ويندڙ سيڙپڪاري جو عوام کي فائدو ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *