پ پ قيادت پاران ڊي ايس پي مجيد عباس جي شهادت جي مذمت، سنڌ حڪومت کي قاتل جلد پڪڙڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪراچي جي علائقي لانڍي  ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾  ڊي ايس پي مجيد عباسي جي شهادت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته ڊي ايس پي مجيد عباسي جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. پ پ شريڪ چيئرمين چيو ته دهشتگرد ڪراچي شهر ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ آپريشن ۾ فرنٽ لائين جو  ڪردار ادا ڪندڙ پوليس آفيسرن  کي نشانو بڻائي رهيا آهن، قوم دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏيندڙن تي فخر ڪري ٿي. پاڪستان پپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان هڪ وڌيڪ پوليس آفيسر ڊي ايس پي مجيد عباسي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ سنڌ حڪومت تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موجود سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. واضح رهي ته هٿياربندن ڊي ايس پي مجيد عباسي جي پوليس موبائيل تي حملو ڪيو جنهن ۾ هو موقعي تي شهيد ٿي ويو. بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنڌ پوليس ۽ ان جي آفيسرن توڙي جوانن جي قربانين جي واکاڻ ڪئي. هن شهيد ڊي ايس پي جي خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *