پ پ شهري علائقن جي عوام کي ڀت سان لڳائي رهي آهي: بابر غوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري چيو آهي ته سنڌ ۾ نفرتن ۽ لسانيت واري سياست ٿي رهي آهي، شهرن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن، صوبي جو عوام پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. ڪراچي ۾ حيدر عباس رضوي سان گڏ نيوز ڪانفرنس ڪندي بابر غوري چيو ته پي پي شهري مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ رنڊڪون پئي وجهي، جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. متحده اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ نفرتن ۽ لسانيت واري سياست ٿي رهي آهي، جنهن تي صوبي جو عوام پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. بابر غوري چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ تعليم جا موقعا ختم ڪرڻ افسوس جي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته پي پي سان لاڳاپيل اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪرڻو هو، جيڪو نه ڪيو ويو. پير مظهر بابت ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پ پ واضح ڪري ته پيرمظهرالحق جو بيان پارٽي جي پاليسي آهي، جيڪڏهن نه ته هن وقت تائين سندس خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي وئي. ان موقعي تي حيدر عباس رضوي جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۽ سکر لاءِ 40 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *