پ پ سڄي سنڌ ۾ ڌرڻن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، شروعات اڄ کان ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته سڀاڻي ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار جي گيٽ تي ڌرڻو هنيو ويندو، ڌرڻو ٽپهري 3 وڳي شروع ٿيندو، پارٽي جا هزارين ڪارڪن شرڪت ڪندا، 30 اپريل تي حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، هن چيو ته پيپلز پارٽي 6 مئي تي لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هڻندي، سينئر صوبائي وزير چيو ته 11 مئي تي ميرپور خاص ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، 16 مئي تي شهيد بينظير آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، هن چيو ته 21 مئي تي سکر ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *