پ پ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم کان استعفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ٻن سينيئر ججن کي سلام ٿو پيش ڪيان جن اهو فيصلو ڪيو ته وزير اعظم کي نااهل قرار ڏنو وڃي، وزير اعظم کي فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، مون کي خبر آهي ته هو آخري ساهه تائين استعيفيٰ نه ڏيندو پر اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرادري چيو ته ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي شرم ناهي هو رڳو پنهنجي مفادن ۽ مزي لاءِ سوچي رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪيون ٿا، ملڪ بحران ڏانهن وڃي رهيو آهي،  اسان عمران خان کي  پهرين ئي چيو ته اسان سان هٿ ملائي گڏجي سپريم ڪورٽ هلون پر هن ائين نه ڪيو. هن چيو ته 9 مهينن کان قوم سان مذاق پيو ڪيو وڃي، عمران خان ڊرامو ڪيو جنهن جو فائدو وزير اعظم کي ٿيو. عوام کي دوکو ڏنو ويو آهي ۽ مذاق ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ اڄ جمهوريت ۽ انصاف کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته عدالتي فيصلي تي مٺايون ورهائڻ وارن کي شر اچڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي رد عمل ڏينداسينم نواز شريف جو بيان ٿاڻي ۾ ورتو ويندو؟ يا آفيسر سندس گهر اچي بيان وٺندا، جونيئر ججن جي اڪثريت عوام جو مذاق اڏايو. جي آءِ ٽي جوڙڻ نواز شريف کي ڀڄڻ جو رستو ڏيڻ جي برابر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *