پ پ سرڪار ٽرانسپورٽ منصوبن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين ڊويزنل هيڊ ڪوارترز جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ وڌائيندي 500 نين بسن سان شهيد بينظير ڀٽو انٽر سٽي بس سروس ۽ ٽرمينل پروجيڪٽ تهت پهرئين مرحلي ۾ هڪ سئو نين بسن واري پلان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ سومر تي پرڏيهي ٽرانسپورٽ ڪمپني ڊايو ايڪسپريس ۽ سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽ تحت صوبي جي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽرز کي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ ذريعي هڪ ٻئي سان لنڪ ڪرڻ واري يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون. وڏي وزير صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن يادداشت نامي تي صحيح ڪرڻ واري عمل جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ طاها فاروقي ۽ ڊايو پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجن ادارن جي نمائندگي ڪندي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون. يادداشت نامي مطابق ڊايو ايڪسپريس ان ڳالهه تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ته هو 23 مارچ کان شروع ٿيندڙ پهرئين فيز ۾ 2 ارب لاڳت سان ڪراچي حيدرآباد، ميرپورخاص سکر نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز جي روٽس 50 نيون بسون آڻيدني. سنڌ حڪومت هن پهرئين فيز ۾ 2 ارب رپين مان 645 ملين رپيا ڏيندي جڏهن ته رهيل رقم ڊايو ايڪسپريس ادا ڪندي ان سان گڏوگڏ 50 نيون بسون بس ٽرمينلز پر ريٽنگ لائونچ ٽڪ شاپس الڳ واش رومس مسجدن سميت بس اڏن تي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي ڊايو 10 سالن تائين اهي بسون هلائيندي. جڏهن ته مسافرن کي سرڪاري نوٽيفڪيشن مطابق ڪرايو ورتو ويندو. ڊايو ايڪسپريس جي انتظاميه هڪ سال ۾ هڪ سئو بسن جو بندوبست ڪري پهريون فيز مڪمل ڪندي پر اهي بسون ڪراچي ۽ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز جي وچ ۾ 23 مارچ 2015 کان شروع ڪيون وينديون. سيد قائم علي شاهه چيو ته اندروني شهر ۽ بين شهر مواصلات اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن لاءِ پيپلزپ ارتي جي گورنمينٽ عوام جي فلاح لاٰءِ اندروني شهر ۽ بين الاشهر ٽرانسپورٽ جي منصوبن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو انٽرنيشنل بس سروس ۽ ٽرمينل نه صرف ٽرانسپورٽ جون سهولتون فراهم ڪندو پر مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان منصوبا شروع ٿيندا. سنڌ حڪومت ماڻهن جي سهولتن لاءِ اندروني شهر ٻيا ٽرانسپورٽ منصوبا به شروع ڪيا آهن هن ڊايو انتظاميه کي به انهن منصوبن ۾ دلچسپي وٺڻ جي دعوت ڏني جنهن لاءِ کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ممتاز جکراڻي چيو ته ڊويزنل کان شروع ڪيل هن منصوبي کي سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز تائين وڌايو ويندو جنهن سان صوبي جي عوام کي معياري سهولتون فراهم ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *