پ پ خلاف اهي ماڻهو واويلا پيا ڪن جن کي ڦاٽڪ وارو به ڪونه سڃاڻي: وڏو وزير

ڳڙهي خدا بخش(رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ خلاف اهي ماڻهو جدوجهد ڪري رهيا آهن جن کي ڦاٽڪ وارو به ڪو نه سڃاڻي. ايندڙ عام چونڊن کان اڳ بلاول سڄي ملڪ ۾ ڇائنجي ويندو. سازشن کي ناڪامي ملندي. ڳڙهي خدابخش ڀُٽي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ورسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي خودمختياري ملي پر مرڪز ان تي عمل نه ڪيو ڪري. هن چيو ته وفاق صوبن کي آئين ۾ ڏنل حق نه پيو ڏئي. وفاقي سرڪار آئين تي عمل ڪري. چئيني صوبن کي آئين تحت حق ملڻ گھرجن. پنهنجا حق ڇني وٺنداسين.وڏي وزير چيو ته ڌڪاريل ماڻهو پ پ خلاف ڳالهائي رهيا آهن. اهي جدوجهد جي ڳالهه ٿا ڪن. انهن کي ڦاٽڪ وارو به ڪونه سڃاڻي. هن چيو ته ٿر ۾ وڃي جلسو ڪندڙ پنهنجو قد بت ڏسي پوءِ ڳالهائين. ان موقعي تي پ پ پنجاب جي اڳوڻي صدر منظور وٽو خطاب ڪندي چيو ته منظور وٽو چيو ته پيپلزپارٽي قانون ٺاهيندڙن جي پارٽي آهي. ڀٽي صاحب ملڪ کي آئين ڏنو، جنهن ملڪ کي مضبوط ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سازشن باوجود ڀٽي صاحب چونڊ کٽي، شهيد ڀٽو جي ڪابينا ۾ ڪو به اهڙو وزير نه هو جنهن تي ڪرپشن جو الزام هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *