پ پ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي، سنڌ مٿان پنجاب جي يلغار جاري آهي: جلال محمود شاهه

لاڙڪاڻو/ڏوڪري/باڊهه/باقراڻي (نمائندن وٽآن) سنڌ آدمشماري مانيٽيرنگ ڪميٽي جو قافلو باڊهه، ڏوڪري، آريجا ۽ باقراڻي کان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتو، شاندار آجيان، گلن جي ورکا، سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، جسقم جو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جهموري پارٽي جو سربراهه ابرار قاضي، جسقم آريسر جو وائيس چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو سربراهه قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سوين قومي ڪارڪنن باقراڻي ٽاور کان سائين جي ايم سيد پارڪ کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي هوشو پارڪ اڳيان پهتي جتي وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪئي. جڏهن ته ريلي شهر جو گشت ڪرڻ دوارن ماڻهن طرفان گل ورکا ڪيا ويا. ريلي ۾ جسقم جي ڏاڏو اطهر سومرو، عزيز شيخ، نادر سولنگي، اشرف ڪلهوڙو، ايس يو پي ڊاڪٽر مظهر مغل، طالب مغل، سنڌ نيشنل پارٽي جي نصرالله ابڙو، يسار سنديلو سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مٿان پنجاب جي يلغار جاري آهي. اسان گذريل 17 فيبروري کان آدمشماري مانٽيرنگ ڪميٽي جي طرفان سنڌ جي هر ضلعي شهر ۽ ڳوٺ ۾ وڃي آدمشماري مهم هلائي آهي جنهن ۾ اسان کي ڀرپور موٽ ملي آهي وفاقي حڪومت قومپرستن جي اهڙي مهم کي ڏسندي آدمشماري ملتوي ڪري ڇڏي آهي گذريل 17 سالن کان وفاقي حڪومت آدمشماري نه ڪرائي سنڌ جي مٿان پنهنجو غلبو برقرار رکندي پئي اچي. پ پ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. وفاقي حڪومت کي خبر آهي ته جيڪڏهن سنڌي آدمشماري ۾ حصو وٺن ٿا ته سنڌين جي تمام گهڻي اڪثريت آهي. هنن جلسي کي وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو وزير اعليٰ وفاقي حڪومت آڏو بيوس بڻيل آهي. سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس مضبوطي سان پيش ڪري نه سگهيو جنهن جو سبب صرف ڊاڪٽر عاصم آهي. هنن چيو ته نواز شريف کي سنڌ سان ڪڏهن به سچو نه ٿيندو. مولا بخش چانڊيو پنهنجي نوڪري بچائڻ لاءِ اهو بيان ڏنو آهي ته مان قومپرست ناهيان منهنجا ابا ڏاڏا به قومپرست نه هيا. هنن چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت آدمشماري نه ڪرائي ته هي سجاڳي مهم جو قافلو وڏي احتجاجي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *