پ پ جي پي ٽي آءِ جي ڪنوينشن تي هلان جي مذمت، جمهوري عمل کي روڪڻ جي سخت مذمت ڪريان ٿو: بلاول ڀُٽو زرداري

ڪراچي (م.ڊ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ يوٿ ڪنوينشن تي هلان ڪري ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي، بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀُٽي زرداريءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي پارٽيءَ کي برداشت کان ڪم وٺڻ گھرجي، پ پ سربراهه موجب پوليس جوڪارڪنن تي تشدد مذمت جوڳو آهي، عورت ڪارڪنن تي تشدد پوليس ۽ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، عورتن ۽ ڪارڪنن تي لٺيون وسائڻ مان لڳي رهيو آهي ته حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي. حڪومت کي سهپ ۽ برداشت کان ڪم وٺڻو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *