پ پ جي سي اي سي يوسف رضا گيلاني جي تجويز رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن ۽ سي اي سي اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي پاران جاري ٿيل سبب ڄاڻائڻ واري اظهار جي نوٽيس کي پهريان پڙهي ٻڌايو ۽ پوءِ ان کي سڀني جي سامهون ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو جهن تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران تاڙيون وڄايون ويون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سياست عزت لاءِ ڪريون ٿا عزت کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه اهي آچر تي پ پ جي سينترل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري آصف زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ مستقبل ۾ اپوزيشن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون اجلاس دوران ملڪي معيشت آءِ ايم ايف سان ڊيل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آرڊيننس تي به ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پي ڊي ايم پاران استيعفائن جي تجويزن تي به غور ڪيو ويو آصف زرداري بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ سينترل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هائبر اجلاس پ پ عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال تالپر به موجود هئي آصف علي زرداري وڊيو لنڪ جي ذريعي سي اي سي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو سي اي سي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ايم ايف ڊيل جا ملڪي معيشت تي اثر ۽ اسٽيٽ بئنڪ آرڊيننس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ۽ سي اي سي اسٽيٽ بئنڪ جي آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي پ پ پ جي سينترل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪشمير تي پي ٽي آءِ جي ڪنفيوزڊ پاليسي تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ وڏي وزير مرادعلي شاهه اجلاس کي 12 اپريل تي ٿيندڙ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس واري حوالي سان بريفنگ ڏني اجلاس ۾ پي ڊي ايم طرفان استيعفائن جي تجويزن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني راجا پرويز اشرف شيري رحمان فرحت الله بابت نئر بخاري اعتزازاحسن، سيد قائم علي شآهه، نواب يوسف ٽالپر سيد مرادعلي شاهه مخدوم احمد محمود قمر زمان ڪائره همايون خان علي مدد جتڪ، چوڌري لطيف اڪبر ۽ امجد ايڊووڪيت، شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، هريرام ڪشوري لال اسلام الدين شيخ ۽ ڄام مهتاب ڏهر عبداللطيف انصاري رحمان ملڪ علي مدد جتڪ عامر فدا پراچا ۽ چوڌري منظور، منظور وساڻ، مولانا بخس چانڊيو، رضا رباني اعجاز جکراڻي ۽ پير باز کيتران صادق عمراڻي محمد موسيٰ نفيسه شاهه، ناصر شاهه، رحيم داد خان رخسانه زبيري، سعيد غني، لطيف کوسه نويد قمر، تاج حيدر، وقار مهدي، انور سيف الله خان اعظمخ ان آفريدي، چوڌري محمد ياسين، ڊاڪٽر اڪبر خواجه، فوزيه حبيب، رخسانه بگس، سليم ماندوي والا ۽ ٻين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ڪيترائي ميمبر وڊيو لنڪ سان سي اي سي اجلاس ۾ موجود هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *