پ پ جي خواهش آهي ته سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون سندن درن تائين پهچايون: فريال ٽالپر

لاڙڪاڻو (بيورو) ايم اين اي  ميڊم فريال ٽالپر چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي هميشه اها خواهش رهي آهي ته سنڌ جي عوام کي سندن بنيادي سهولتون سندن درن تائين پهچايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پراڻي انڊس هاءِ وي لاڙڪاڻو پورشن جي مرمت ۽ مينٽيننس وارو ترقياتي ڪم جي سنگ بنياد واري تقريب جو افتتاح ڪندي ڪيو. ياد رهي ته هي روڊ وڳڻ باءِ پاس کان  رتوديرو باءِ پاس سان ملندو ۽ هن کي ڊبل روڊ ڪرڻ جي سمري پڻ تيار ڪئي وڃي. واضع رهي ته هن روڊ جي ڊيگھ 13.60  ڪلوميٽر آهي جيڪو 756.470 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. هن اسڪيم جو ترقياتي ڪم هلندڙ آهي، جنهن لاءِ 200 ملين روپيه جاري ڪيا ويا آهن. ان بعد ميڊم فريال ٽالپر بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو سنگ بنياد رکيو، ياد رهي ته هي ڪاليج 143.109 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي پئي وڃي، هي ڪاليج ۾ 12 ڪلاس رومز، 08 سائنس ليبارٽريز، ڪمپيوٽر ليبارٽري، لائبرري، پرنسپال آفيس، اسٽاف آفيس ۽ ٻين سهولتن تي مشتمل آهي.ان سان گڏو گڏ  ڪاليج جي ايلوڪيشن 2014-2015 لاءِ 50.000 ملين روپيه آهي جنهن جا 25.000 ملين روپيه رليز ٿي  چڪا آهن، هي ڪاليج انشاءَالله 30 جون 2016 تائين مڪمل ڪئي ويندي. ان بعد ۾ ميڊم فريال ٽالپر گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ وڌيڪ 10 ليڪچر هالن جي ترقياتي ڪم جو سنگ بنياد رکيو،ان موقعي تي ميڊم فريال ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده سنڌ حڪومت، سنڌ ۾ تعليم، صحت، روڊ رستن ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي ته جيئن هتان جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون لکي پڙهي هن ملڪ ۽ قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگھن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بلاول ۽ آصفه پارٽي کان ناراض نه آهن، بختاور سياست ۾ اڳ ئي موجود آهي، بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي نالي سان ٺهيل اين جي او ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته هوءَ مون سان گڏ پڻ پارٽي جي فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي. مڪاني چونڊن جي حوالي سان پارٽي جو ڪم زور شور سان جاري آهي. لاڙڪاڻي ڊويزن جي چونڊيل نمائندن، پارٽي عهديدارن کي ووٽر لسٽون جلد از جلد مڪمل ڪرڻ ۽ تڪ بندين جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. انشاءَالله مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابيون ماڻينداسين. هن چيو ته آءُ ذاتي طور لاڙڪاڻي ضلعي جي ترقياتي ڪمن ۾ دلچسپي وٺي رهي آهيان ته جيئن لاڙڪاڻي ضلعي جي عوام کي بنيادي سهولتون سندن درن تي پهچائي سگھجن جيڪو اسانجي مٿان ذميواري آهي.ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج خان دراني، سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو، ايم اين اي محمد اياز سومرو، ايم اين اي نظير احمد ٻگھيو، ايم اين اي رميش لعل، ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي سهيل انور سيال،  ايم پي اي محمد علي ڀٽو،اڳوڻي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد علي جاگيراڻي، پ پ پ جا اڳواڻ توڙي ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *