پ پ جو لانگ مارچ عمران خان جي حڪومت لاءِ چارج شيٽ هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڊل ٽائون ۾ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود جي رهائشگاهه تي مخدوم احمد محمود مرٽصِيٰ محمود علي محمود عطا گيلاني ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي پنجاب جي گورنر مخدوم احمد محمود وچ ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون چيئرمين بلاول ڀتو زرداري ۽ مخدوم احمد محمود وچ ۾ لانگ مارچ جي حڪمت عملي تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀتو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ ملڪي سياسي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو پاڪستان پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ ۾ لکن جي انگ ۾ عوام جي شرڪت عمران خان جي مقبوليت جو پول کولي ڇڏيندي پي ٽي آئي حڪومت لانگ مارچ کان گهٻرائي پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جي عوامي نمائندن جي خلاف ڪوڙن پرپيگنڊن تي لهي آهي آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ عوام پاران عمران خان حڪومت جي خلاف هڪ چارج شيٽ هوندي 27 فيبروري تي مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ستايل عوام جو لشڪر نڪرندو ۽ اسلام آباد جو رخ ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *