پ پ جو جناح دور کان هن وقت تائين مالي بيضابطگين جي جاچ ڪميشن جي قيام جو مطالبو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف قوم کان ڇا لڪائي رهيو آهي، جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پيپلز لائير فورم اوڪاڙه کي هارين ۽ آبادگارن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ٽوئيٽ پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ميان نواز شريف قوم کان ڇا لڪائي رهيو آهي، پاناما ليڪس معاملي تي جاچ بدران جناح جي دور کان وٺي هن وقت تائين مالي بيضابطگين جي ڪميشن جو قيام چاهيون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪميشن جي قيام بدران نواز شريف سپريم ڪورٽ کان 1947 کان وٺي اڄ تائين مالي معاملن جي درخواست ڪئي آهي، ٻڌايو وڃي ته هو پاڪستاني قوم کان ڇا لڪائڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *