پ پ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، اسان ملڪ بچائينداسين: آصف زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊ ڏکي ناهي پر اسان جون پنهنجون ڪمزوريون آهن، ننڍي چونڊ ۾ پ پ اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪيا پر مون کي 50 هزار ووٽن جي اميد هئي. لاهور ۾ پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته پ پ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪاٽيا، اسان پاڪستان کي بچائڻ جو عهد ڪيو آهي، اسان هن ڌرتي جا آهيون ۽ هتي ئي مرنداسين، جن کي هن ڌرتي تي ناهي رهڻو، انهن لاءِ ڪهڙو مسئلو آهي. هن چيو ته پ پ ڪالهه ننڍي چونڊ ۾ اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪيا، پنجاب ۾ اهڙيون تڪ بنديون ڪيون ويون، جيڪي پ پ جي خلاف آهن، پنجاب ۾ گهٽيون، پاڙا، برادريون ڏسي تڪ بنديون ڪيون ويون، اسان پنجاب جي تڪ بندين کي تبديل ڪري رهنداسين. سندس چوڻ هو ته مون کي لاهور جي ننڍي چونڊ ۾ 50 هزار ووٽن جي اميد هئي، سڄي پاڪستان ۾ اهڙي ڪا جاءِ ناهي، جتي پ پ جو جهنڊو نه هجي. آصف زراداري وڌيڪ چيو ته دنيا اسان کي ٽوڙڻ چاهي ٿي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان پاڪستان کي بچائينداسين ۽ اڳتي وٺي وينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *