پ پ جا سمورا اڳواڻ عذير بلوچ کان مدد وٺندا هئا: عبدالقادر پٽيل جو رينجرز اڳيان اعتراف

ڪراچي (اين اين آءِ) رينجرز پ پ جي اڳواڻ عبدالقادر پٽيل کي 5 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا کانپوءِ رينجرز هيڊ ڪوارٽر کان ميٺا رام سيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، عبدالقادر پٽيل کي 90 ڏينهن لاءِ ريمانڊ ۾ رکڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق رينجرز جي گهرائڻ تي خميس تي پ پ جو اڳواڻ عبدالقادر پٽيل رينجرز هيڊ ڪوارٽر پهتو، قادر پٽيل کي عذير بلوچ اڳيان ويهاري جاچ ڪئي وئي، عذير بلوچ کي ڏسي قادر پٽيل ڪنڌ هيٺ ڪيو، جاچ ڪندڙ جاچ دوران سوال ڪيا ته ان جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي ۽ هو مٿي ۾ سور ۽ بلٽ پريشر جي دانهن ڪندو رهيو، جاچ ڪندڙن جي سوالن جي دوران هو مسلسل پاڻي پيئندو رهيو جنهن کانپوءِ جاچ روڪڻي پئي، عبدالقادر پٽيل رينجرز کي بيان ڏيندي چيو آهي ته پ پ جا سمورا اڳواڻ عذير بلوڇ کان مدد وٺندا هئا، رينجرز سوال ڪيو ته عذير بلوچ کي ڪڏهن کان ۽ ڪيئن سڃاڻو ٿا، قادر پٽيل چيو ته عذير بلوچ سان ويجها لاڳاپا آهن، جاچ آفيسر چيو ته عذير بلوچ قتل، اغوا ۾ اوهان جو ۽ پ پ اڳواڻن جو نالو ورتو آهي، ڇا اوهان ان کي ملڪ مان ڀڄائڻ ۾ مدد ڪئي جنهن تي قادر پٽيل چيو ته عذير بلوچ ايراني پاسپورٽ تي ملڪ مان ڪيئن فرار ٿيو ان جي خبر ناهي، رينجرز پڇا ڪئي ته خالد شهنشا ۽ ٻين جي قتل ۾ ڪير ملوث آهي جنهن تي هن چيو ته ذوالفقار مرزا سمورا معاملا ڏسندو هو، منهنجا عذير بلوچ سان ويجها لاڳاپا آهن پر خالد شهنشا جي قتل جي خبر ناهي، عبدالقادر پٽيل کان جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته پي آءِ اي جي ملازم ۽ پيپلز يوٿ جي صدر عامر کي سهيل ڏاڏا گروپ گلستان جوهر ۾ قتل ڪيو هو، رينجرز سوال ڪيو ته هاڪس بي ۽ بلديا ٽائون ۾ چائنا ڪٽينگ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، قادر پٽيل کان ڪي پي ٽي جي سرڪاري زمين وڪرو ڪرڻ بابت به سوال ڪيا ويا، قادر پٽيل ٻڌايو ته سمورا معاملا ڊفينس فيز 8 جي بنگلي ۾ طئه ٿيندا هئا، اتي ڪجهه سياسي اڳواڻن سميت گينگ وار جا اڳواڻ به هوندا هئا، رينجرز ان کان پڇا ڪئي ته عذير بلوچ ۽ ٻيا جوابدار شهر ۾ چرپر لاءِ اوهان جي گاڏي استعمال ڪندا هئا، جنهن تي قادر پٽيل چيو ته مون کي ڪا خبر ناهي، مون ڪڏهن ائين ناهي ڪيو، قادر پٽيل کان سوال ڪيو ويو ته عذير بلوچ جي چوڻ تي ڪهڙن ڪهڙن پوليس آفيسرن کي مقرر ڪرايو ۽ اهي پوليس آفيسر ڪهڙا آهن جيڪي گينگ وار کان پيسا وٺن ٿا، جنهن تي هن چيو ته مون کي ڪنهن پوليس آفيسر مقرر نه ڪرايو، ان وقت جو گهرو وزير سمورا معاملا ڏسندو هو ۽ اهڙي ڪنهن آفيسر کي نٿو سڃاڻا جيڪو گينگ وار کان پيسا وٺندو هجي. جاچ آفيسرن مني لانڊرنگ بابت پڇا ڪئي ته ڪروڙين رپيا اوهان جي مائٽن جي اڪائونٽ ۾ لنڊن منتقل ڪيا ويا جنهن تي هن مٿي ۾ سور ۽ بلڊ پريشر جي دانهن ڪئي، ان موقعي تي رينجرز جو هڪ ڊاڪٽر به موجود هو، قادر پٽيل جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي وڌيڪ جاچ روڪڻي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *