پ پ بعد ن ليگ جو به وزير اعظم گهر ڀيڙو، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي تاحيات نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس ۾ وزيراعظم نواز  شريف ۽ اسحاق ڊار کي کي نااهل قرار ڏيندي شريف خاندان خلاف ڪيس احتساب عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي  لارجر بئنچ پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي پنجن ئي ججن وزيراعظم نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي متفق فيصلي سان نااهل قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ مريم نواز، حسن، حسين نواز  ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف احتساب عدالت ۾ 6 هفتن اندر ريفرنس موڪلڻ جو حڪم ڏنو.  سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وزيراعظم نواز شريف ايف زيڊ ڪمپني لڪائي، جڏهن ته پنهنجا اثاثا ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن وزيراعظم نااهلي جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ۽ صدر نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ انتظام ڪيا وڃن.سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته  نيب راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ 6 هفتن اندر ريفرنس داخل ڪري. لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي طرفان جمع ڪيل مواد جي روشني ۾ ريفرنس داخل ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته  گڏيل قانوني مشاورت کانپوءِ حاصل ڪيل مواد کي به نظر رکيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب نواز شريف، حسين، حسن ۽ ڪئپٽن صفدر خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ هڪ جج کي نامزد ڪيو وڃي.لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم صادق ۽ امين نه رهيو آهي. پاناما ليڪس جي فيصلي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ٻاهران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا . سپريم ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي جي پڻ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پ پ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي سميت اهم سياسي پارٽين جا اڳواڻ فيصلو ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهتل هئا. سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا حڪومتي وزير توڙي عهديدار به سپريم ڪورٽ ۾ موجود پهتا. فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سجدا ڪيا ۽ مٺائي ورهائي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *