پ پ بعد ليگ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور/گوجر خان (ويب ڊيسڪ/اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مخالف ڌر جي اتحاد کي ملڪ جي ضرور ڪوٺيندي چيو آهي ته سياست ۾ جمود ناهي هوندو مقصد تبديل نه ڪرڻ گهرجي ملڪ کي جيترو نقصان نيب ڏنو آهي ان جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ هڪ ڏکيو فيصلو آهي حڪومت معاملي تي پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائي هڪ انٽرويو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف کي پارليامينٽ ۾ گهڻا ڀيرا اچڻ گهرجي ها ۽ ڪابينا جا اجلاس به وڌيڪ ٿيڻ گهرجن ها جڏهن ته هن پنهنجن وزيرن جي ڪم ۾ به ڪڏهن مداخلت ناهي ڪئي ۽ هر وزير کي ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏني موروثي سياست بابت ان جو موقف هو ته سڄي دنيا ۾ هي شيءِ رائج آهي ڀارت ۽ آمريڪا ۾ به موروثيت موجود آهي جڏهن ته قائد جون ذاتي صلاحيتون اهم هونديون آهن مريم نواز نه ئي جماعتي ۽ نه ئي حڪومتي عهدو رکيو آهي ان جي باوجود عام ڪارڪن کيس اهميت ڏين ٿا ان لاءِ سياست ۾ جڳهه موجود آهي هن چيو ته ڪرپشن ضرور ختم ٿيڻ گهرجي پر ان لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي ان سان مقصد حاصل نه ٿيندو ڇو ته ان کي انتقامي ڪارروائي سمجهيو پيو وڃي نيب هڪ ڪارو قانون آهي ان جا قانون تبديل ڪرڻ لاءِ سمورين سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب اڄ تائين ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ کي سزا ناهي ڏني تنهن ڪريم لڪ کي جيترو نقصان نيب ڏنو آهي ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي.  ن ليگ اڳواڻ به ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. گوجر خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فوجي عدالتن جي مخالفت ڪندي چيو ته فوجي عدالتن جي پاڪستان ۾ ڪا به ضرورت نه آهي، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حق ۾ ناهيون جڏهن ته مخالف ڌر جو اتحاد ڪرپشن ڪيسن جي ڪري نه  پر ملڪي مفاد ۾ ٿيو، نااهل حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ساهيوال ۾ سي ٽي ڊي جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ساهيوال واقعي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، حقيقتون سامهون آڻي ذميوارن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *