پ پ اڻڌريو ڪردار ادا ڪندي، اين اي 246 جي سيٽ ايم ڪيو ايم جي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تڪ اين اي 246 ۾ ضمني چونڊن جي حوالي سان چيو آهي ته پيپلز پارٽي هن اليڪشن ۾ پنهنجو اميدوار نه بيهاريندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اين اي 246 جي سيٽ ايم ڪيو ايم جي آهي ۽ پيپلز پارٽي انهن چونڊن ۾ غير جانبدار رهندي، هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ان تڪ جي اليڪشن ۾ انتظامي ۽ پارٽي جي حوالي سان غير جانبدار ڪردار اد اڪندي ۽ ان جي پارٽي طرفان تڪ اين اي 246 ۾ ڪوبه اميدوار نه بيهاريو ويندو. چاهيون ٿا ته اليڪشن امن امان سان ۽ جمهوري انداز ٿي ٿي وڃي، ٻئي پارٽيون بردباري جو مظاهرو ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *