پ پ اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، 18 آڪٽوبر جي جلسي ۾ عوام ثابت ڪري ڇڏيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي عظيم الشان ۽ تاريخي جلسي ۾ شامل ٿي پاڪستاني عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به هن ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي عام جلسي ۾ لکن جي انگ ۾ جيالن مزدورن هارين پورهيتن شاگردن عورتن شامل ٿي نه صرف هن جلسي کي ڪاميابڪيو پر پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪندڙن جا هواس به خطا ٿي ويا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي بهتر مستقبل جي اميد آهي آچر تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 18 آڪٽوبر جو ڪراچي جو جلسو هن ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هو ۽ ان جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ هن ملڪ جي غيرتمند ۽ پورهيت عوام مزدورن هارين شاگردن عورتن ۽ جيالن ڏانهن وڃي ٿو شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي جا جيالا ۽ پاڪستان جو عوام بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان کي پيش ايندڙ سمورين چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهن هن چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کان علاوه پاڪستان ۾ هن وقت ڪوئي به هڪ اهڙو ليڊر نه آهي جيڪو سمورين چئلينجز تي کلي ڳالهائي سگهي. شرجيل انعام ميمڻ اليڪٽرونڪس ۽ پرنٽ ميڊيا جو به خاص طور تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ڇيو ته ميڊيا هن تاريخي ۽ عام جلسي جي مثبت ڪوريج ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *