پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس حملي جو ڪيس گوجرانوالا ۾ داخل، ڀارت کي شڪن مان نڪرڻو پوندو: راڻا ثناءُ الله

گوجرانوالا (م.ڊ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي ڀارتي ايئربيس پٺاڻ ڪوٽ تي دهشتگردن جي حملي جو ڪيس گجرانوالا ۾ اڻڄاتل ماڻهن مٿان داخل ڪري ڇڏيو.ڪيس ۾ جاچ(جي ئي ٽي) ڪندي،پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس حملي جو ڪيس پاڪستان جي گهرو کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري اعتزاز الدين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو.سي ٽي ڊي مطابق ڪيس 302،324،109 ۽ 7 ايي ٽي اي قانون مطابق داخل ڪيو ويو،ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي سيڪيورٽي اختيارين ٻڌايو آهي ته حملو ڪندڙ پاڪستان مان آيا هئا،جن پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملو ڪيو،جنهن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا آهن. صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ واقعي جو ڪيس داخل ڪري پنهنجي سنجيندگي ظاهر ڪري ڇڏي، ڀارت کي شڪ ۽ وهم نه ڪرڻ گهرجن، اپيڪس ڪميٽي ۾ دهشتگردي جي مڙني قسمن تي ڳالهايو وڃي ٿو، دهشتگردي ان وقت ختم ٿيندي، جڏهن ڀارت، افغانستان به هڪ پچ تي هوندا، پنجاب اسيمبلي جي اڱڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي حوالي سان ڀارت پاران ڏني ويندڙ شروعاتي معلومات سبب پاڪستان ڪيس داخل ڪيو جيڪو دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سنجيندگي کي ظاهر ڪري ٿو، هن چيو ته سرحد پار واقعي جي جاچ بابت جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم ٺهندي، جنهن ۾ سمورا عسڪري ۽ سول لا انفورسنگ ۽ انٽيليجنس ايجنسي جا ماڻهو هوندا، ڀارت کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي، پر ڀارت پاران وڌيڪ ثبوت ڏنا ويا ته وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *