پي ڪي ميپ جو عثمان ڪاڪڙ جي شهادت تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي عثمان خان ڪاڪڙ جي شهادت تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي پڌرائي موجب احتجاجي تحريڪ جي تحت صوبي جي مختلف ضلعن ۽ علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ جلوس ڪڍيا ويندا. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جمعي 9 جولاءِ تي موسي خيل ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيندو، اهڙي طرح 11 جولاءِ تي ضلعي شيراڻي، 12 جولاءِ زوب، 13 جولاءِ تي قلعي سيف الله، 14 جولاءِ تي لورالائي، 15 جولاءِ تي دکي، 16 جولاءِ تي سنجاوي ۽ 17 جولاءِ تي هرنائي جڏهن ته باقي علائقن جي شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پڌرائي موجب خيبرپختونخواهه، سنڌ، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ احتجاجي مظاهرن جو شيڊول جلد جاري ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *